(مختصر برساتي تحرير) اڄ وري ڪاريو ڪڪريون تلھار جي طرف کان ڪاهينديون آيون، جن اچي مون حقير جي پَٽن تي پلر جي پالوٽ ڪئي. وسڻ جا ويس ورن ڏسي سڄي ڏينھن جا ٿڪ لھي پيا، پگهريل جسم ٺري پيا/پيو، ساهہ کي سڪون اچي ويو؛ ٿڌو شوڪارو ڀري ربّ جا شڪرانا ادا ڪيم، لونءَ لونءَ مجهان جانب يار جون سٽُون ذھن ۾ گونجدي محسوس ٿيون ٫٫سکن اچي ڏکن کي محڪم ڏني موڙ،،. پٽ پسي پيا اٺ تاريخ تي ساريال جو پوکيل ٻج ڇر ٿي ويو، کيڙيون ريج ٿي ويون، ٻڪرين جا ٽؤنرائتا پڇ شڪست کاڌل وڏيري جي مُڇن وانگر هيٺ لڙي پيا، مينھون اوڳر واري ڪڏو ڪري ويھي رهيون، ڍڳا ۽ ڍگيون ڪن ڇنڊي سنگهارن کي ڏي نيھارڻ لڳا/لڳيون تہ من ڪنھن منھہ ڀيڙو ڪن جيئن مينھن جي ڇوهي کان بچي سگهون، پراڻو گهر بہ بيواهہ جي اکڙين وانگر ٽميءَ پيو، کٽولن کي ٿلھي تان گيھري منھہ ڀيڙو ڪيم، وچين جو وقت هو مولبي مسجد جي در تي ڪرو/لوٽو کڻي وڃي وضو ڪرڻ ويٺو هو، تنھن بہ مٿي جي وارن کي آلو ڪري پير مسيت جي دريءَ مان ٻاهر ڪڍي ڌوتا، ڳيرا ۽ ڳيريون ٽاريءَ تي هڪ ٻيئي کي ويجها ٿي ٻڌيءَ جو ثبوت ڏيڻ لڳا؛ ايتري ۾ ڇوھٖي وارو مينھن اميدن تي پاڻي ڦيري اڳتي روان دوان ٿي ويو، مکيون منھن تي ڪتڪيا